ڌاٻيجي (ن پ ا) سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور واسي پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي ڪري پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپڻ لڳا، ڳوٺ عبدالوهاب جوکيو، بخاري ڳوٺ ۽ بلوچ ڪالوني جي رهواسين صدر دين جوکيو، ظفر الله جوکيو، طيب جوکيو، اعظم شير، علي گوهر شاھه، وحيد پنهور ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جي مين لائن مان برف ڪارخانن، بلاڪن جي ٿلن، سروس پمپن، پيٽرول پمپن ۽ هوٽلن ڪڪڙن جي فارمن کي پبلڪ هيلٿ انتظاميا غيرقانوني ڪنيڪشن ڏئي ماهوار لکين رپيا وصول ڪري رهي آھي، علائقي واسي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، جڏھن ته ايشا جي سڀ کان  پمپنگ اسٽيشن ڌاٻيجي ۾ آھي جتان سنڌ جي گاڌي واري شهر ڪراچي کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر مقامي طبقو  2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري عورتون توڙي مرد پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، سرهندي وارا  پئسن تي پاڻي خريد  ڪري رهيا آهن، هنن وس وارن کان اپيل ڪئي غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪري مقامي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.