ڀلا ڪا گولي سماجي تبديليءَ کي روڪي سگهي آهي؟

0
33
ڀلا ڪا گولي سماجي تبديليءَ کي روڪي سگهي آهي؟

 زنده ضمير، پنھنجي مظلوم پيڙيل ماڻھن لاءِ قلم ذريعي سچ لکي، ڀوتارن ۽ سردارن کي للڪاري، انهن جي جبر جي اڳيان نه جهڪندي، انهن جي ڌمڪين کي ليکي ۾ نه آڻيندي، جدوجھد ڪندڙ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي سنڌ جي ماٺار واري ماحول ۾ عوام دشمن قوتن خلاف هلچل پيدا ڪري انهن قوتن کي ملامت جو اهڃاڻ بنائي ويو آهي. نام نهاد سردار ئي آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڏوهن جي سرپرستي ڪن ٿا، انهن پنھنجي ڪوڙي عزت، دھشت ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ اقتداري ڌرين جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل ڪلچر متعارف ڪرائي انھن کي جديد ھٿيار پھچائي ماحول خراب ڪري اغوا ڦر قتل ۽ ٻيا سماجي ڏوھ ڪرائي ھڪ اھڙو ماحول پيدا ڪيو آهي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو انھن مسئلن کان ڪڏھن آجا نه ٿين ۽ انهن جي حڪمراني ٻين لفظن ۾ غلامي جو طوق ماڻهن ڳچي ۾ مستقل رھي. اھڙي ڪڌي مدي خارج نظام کي چيلينج ڪندڙ نصرالله گڏاڻي جو قتل ھن دوکي جي ديوار کي ڊاھي پٽ ڪندو .

                 طاقتور ڌرين وڏيرن سان گڏجي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته جيئن اھو تاثر ڏئي سگھجي ته ڪچي ۾ سرڪار پاران آپريشن ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي تسلسل کي برقرار رکندي ڪچي جي زمين تي بدامني جو جواز ڄاڻائي قبضو ڪري سگھجي ۽ پوءِ وفاقي ڌريون مستقل طور زمين ڦٻائي وڃن. اھڙن سردارن کي هڪ ته ام رباب للڪاري ٿي، جيڪا ورچي ناهي ويٺي ۽ عدالتن ۽ مختلف فورمن تي جاکوڙي رهي آهي ۽ ٻيو اهم ڪردار نصرالله گڏاڻي جو رهيو، جنهن ڀوتارن ۽ جبر جي جهان خانن کي للڪاريو، ۽ ان کي رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هنن ان جي جذبن جي اڏام کي گولي سان روڪڻ چاھيو. ڇا ڀلا ڪا گولي به ڪنھن سماجي تبديلي جي مادي سبب کي، روشن آئيندي کي روڪي سگھي آھي؟

سنڌ جنھن جو امن پسند سيڪيولر روح ھميشه رواداري جو مظاھري ڪندي پنھنجي ماءَ جھڙي ڪشادي دامن جي وسعت کي اڃان به گھڻيون وسعتون ڏئي ھر رنگ نسل ۽ مذھب جي ماڻھوءَ کي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيو ۽ اھي ٻاھران آيل نسل اڄ به اھو اوچي ڳاٽ فخر سان چون ٿا ته اھي سنڌي آھن پر سنڌ جي ان سيڪيولر روح کي مجروح ڪرڻ جا ناپاڪ ارادا جيڪي ڪڏھن مذھبي انتھاپسندي ته ڪڏھن ذاتي دشمنين، ڪڏھن نياڻين کي تعليمي ادارن ۾ قتل ڪرائڻ، ڪڏھن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري انھن کي دھشتگرد قرار ڏيڻ، شھيد منير سانگي کان شھيد جان محمد مھر تائين ۽ جان محمد مھر کان شھيد نصرالله گڏاڻي تائين سنڌ جي شعور خلاف ٿيندڙ سازشن جو تسلسل آھي.

سنڌ ۾ سردار مير پير جيڪي ھڪ ئي وقت وڏيرا آھن، جرڳائي ڀوتار پڻ آھن، مذهبي پيشوا جن جا پاليل آهن، بندوق باز انهن جا رکوالا آهن، انھيءَ نام نھاد ٽولي سنڌ کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. قبيلائي جهيڙا شروع ڪرائي سنڌ جي معيشت ۽ تعليم کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اسڪول ويران آهن، زمينون ڀڙڀانگ آهن. اسپتالون بند آهن، علائقا نو گو ايريا بڻايا ويا آهن. اھو سنڌ جي برباديءَ جا اسباب پيدا ڪندڙ ڏوهاري ٽولو پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجھيو ويٺو آھي. سنڌ کي ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪندڙ حڪمران پارٽي جو پاڻ کي متبادل سمجھندڙ جي ڊي اي، جنھن جو سربراه اڄ به جي ايڇ ڪيو جو ماڻھون سڏائيندي وڏو فخر محسوس ڪندو آھي، ٻيا ان اتحاد ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ، جيڪي ترقي پسندي ۽ عوام دوستيءَ جا دعويدار آهن، انهن ۾ ايتري ھمت نه آھي جو اھي سرداري نظام جھڙي بدبودار غليظ مدي خارج نظام جي مخالفت ڪن. ڇا اهي اهو نٿا سمجهن ته اهوئي نظام سنڌي ماڻهن جي غلاميءَ جو ذميوار آهي، جنهن کي للڪارڻ جي ضرورت آهي. نصرالله گڏاڻي شھيد اها جرئت ڪري چئي ويو ته، “سردار، ماءِ فُٽ!” اهڙي ئي بيباڪيءَ جي واٽ تي هلڻ جي ضرورت آهي!