ڀري ٻيڙي ۾ پاڳارو ڳرو

0
205
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

 قبلا ڪڏهن ڪڏهن ڪي ظاهري ڏيک ويک ۾  ننڍڙا فيصلا باطني وجود ۾ باهيون ڀڙڪائي ويندا آهن. توهان جي توسط سان مرڪزي سرڪار جو به تڪبندين  ۾ حصو پتي ته موجود آهي پر تپيدارن کان ويندي ضلعي انتظاميا تائين بلدياتي حدبنديون گهڻي ڀاڱي سنڌ حڪومت جي نگراني ۾ مڪمل ٿيون آهن. توهان ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لوڪل باديز جي حوالي سان ٿيندڙ قانون سازي بابت اپوزيشن سان صلاح مصلحت ڪري ڦيرڦار ڪري چڪا آهيو. اها لچڪ سياست جي سونهن آهي سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ساڳئي قسم جو تڪبندي تڪرار جڏهن ڏهاڪو ڏينهن اڳ ميڊيا وسيلي منظر عام تي آيو ته نيڪڻ فقير جاءِ واردات ڏسڻ لاءِ روانو ٿيو.  عادل عمر منڱرئي جو نڪاح وارو سڏ ٻڌي جهرڪياري ڏانهن ڪرها ڪاهياسين.

هيرل جون چار ديهون ڀيٽي وڃي ڇاڇري پهتاسين. وچ ۾ عالي مرتبت جناب جسٽس صلا الدين پنهور جي والد بزرگوار ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ڏانهن منسوب لائبريري ۽ ريسرچ سينٽر کي به معائني هيٺ آندوسين. کاهي، گرهوڙ شريف ۽ پٿوري کان ڳپل تعداد ۾ نوجوان هر روز هتي ايندا آهن. ڪيريئر ڪائونسلنگ جي حوالي سان هن مرڪز جو وجود نه رڳو ٻاورلوءِ  جي ٻارڙن لاءِ مفيد آهي بلڪه هي انسٽيٽيوٽ کپري، ڦلهڏيون ۽ ڍوري ناري تائين فيض پهچائي رهيو آهي. ڊاڪٽر همايون قاضي جي اوطاق تان چانهن پي اسان تر جي عوام سان براهه راست رابطي ۾ آياسين ته قبلا ڪو به ماڻهو اهڙو ڪو نه هو جنهن اوهان جي سرڪار جي فيصلي کي نه ننديو هجي. ممڪن آهي ته توهان تائين اها شڪايت نه پهتي هجي ڳالهه جي ڳنڍ کوليندي اطلاع طور توهان جي خدمت ۾ اها خبر پهچائي رهيا آهيون ته تعلقي پٿوري جي  هڪ يونين ڪائونسل کي ختم ڪري ان جون ڪجهه ديهون ڇاڇري يوسي حوالي ڪيون ويون آهن ته ڪن ديهن جي داخلا يوسي طالب الموليٰ ۾ رکي وئي آهي. ڪو زمانو اهڙو به هو جڏهن هالا ۽ پير ڳوٺ وارن مريدن ۾ تمام گهڻيون دوريون هيون ، ڪافي سال اڳ جي ڳالهه آهي آئون هالا کان منصوره ويندي ٻاروچي باغ وٽ لٿوهئس.

هنڱوري فقير جي هوٽل تي چانهڙي جو چڪو پيئندي حر حسيني سان حال احوال دوران معلوم ٿيو ته فقير هالا جي پڙي تان ڍور ڍڳا به خريد ڪو نه ڪندا هئا. هنڱوري صاحب جا هالا شهر ۾ دڪان ڪرائي تي ڏنل هئا، موصوف اوڌر اوڳاڙڻ لاءِ هالا ته هرماهه ويندو رهندوهو پر سندس چواڻي مون هالا جو ڪڏهن پاڻي به ڪو نه  پيتو هوندو پر هڪ ڀيري جيئن ڪرايو وصول ڪري مين روڊ تان مڙيس پئي ته ڇا ڏسان ته مخدوم طالب الموليٰ سائين تن تنها  واڪ ڪندا درگاهه کان مين شاهراهه ڏانهن روان دوان آهن. آئون به ڪجهه وڇوٽي سان پويان هلندو مين روڊ تي پهتس ته مخدوم صاحب ٽانگي وارن کي رستو صاف ڪرڻ جو چئي رهيا هئا.  ڪجهه لمحا مس گذريا ته هڪ لينڊ ڪروزر گاڏي اچي بيٺي ڇا ڏسان ته مرشد شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي بادشاهه ڊرائيونگ سيٽ تان لٿا، ڄاموٽ صاحب گڏ هجن. پير سائين پاڳاري مخدوم صاحب کي چيو ته سائين ڊرائيونگ سيٽ اوهان جي حوالي.

مخدوم صاحب فرمايو ته امامت ۽ قيادت اوهانکي سونهين ٿي، ايئن اهو دلچسپ مڪالمو ٻڌڻ کان پوءِ مون ڪڏهن به هالا کي گهٽ نظر سان ناهي ڏٺو. مراد علي شاهه صاحب اوهان به لڪياري لعل آهيو. پير سائين شاهه مردان شاهه جا مائٽ آهيو. توهان کي ۽ توهان جي والد صاحب کي موجوده پاڳاري پير ۽ سندن والد بزرگوار جون دعائون به حاصل رهيون آهن. اهي واسطا وڙا به وڏا آهن پر شاهه مردان شاهه تاريخ آهي. توهان جي سرڪار تاريخ کي ميسارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي.لاڙڪاڻي ۾ مرحوم عبدالغفور ڀرڳڙي ڳالهه پئي ڪئي ته اوڻيهه سو ستر واري اليڪشن دوران ذوالفقار علي ڀٽي جي مقابلي ۾ پيپر ڀرائڻ لاءِ شاهه مردان شاهه سکر مان رائيس ڪئنال واري رستي تان لاڙڪاڻي ڏانهن پئي آيا. شهيد ڀٽي کي کڙڪ پئجي وئي، ڪي رازدان دوست ساڻ ڪري سترهان ارڙهان ڪلو ميٽر اڳتي وڃي پيرسائين جو استقبال ڪري عرض ڪيائين ته قبلا اوهان تاريخ آهيو، اسان ڊگڊگي وڄاِئي ماڻهن کي متاثر ڪري چڪا آهيون، مهرباني فرمائي مونکي تاريخ صفحن ۾ شرمندگي کان بچايو. پير صاحب ڀٽي صاحب جي مقابلي ۾ پيپر ڪونه ڀرايو هو .

توهان جي حڪومت به سدائين ناهي رهڻي ڪنهن شاعر جي ان سٽ جيان:

اُڏامي بلبليون وينديون

نه گلشن ۾ ڪو گل رهندو

پکي پرواز ٿي ويندا

حويلي ۾ نه هُل رهندو!

 وزيراعليٰ صاحب توهان اڳوڻي وزيراعليٰ سيد مظفر حسين شاهه کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته شاهه مردان شاهه يوسي کي ڀاڱاڀاڱا ڪري اتان جو گهڻو تڻو علائقو يوسي ڇاڇرو ائٽ غلام حيدر شاهه حوالي ڪيو ويو آهي. شيخ اياز جنهن ڇاڇري کي ڇا ٿو سوچي؟  واري شاعري ۾ ياد ڪيو آهي، هي اهو ٿر پارڪر ضلعي وارو شهر ناهي. هي کاهي پٿوري شاهراهه تي موجود مظفر شاهه جي اوطاق آهي، جيڪا سندس والد بزرگوار ڏانهن منسوب آهي. سنڌ حڪومت جا سربراهه سڳورا توهان کي سنڌ جي اها تاريخ ته پڪ سان معلوم هوندي جنهن ۾ لکيل آهي ته سيد غلام حيدر شاهه ايئن سنڌ جو وزير تعليم هو جيئن هينئر سردار شاهه ساڳئي کاتي کي سنڀالي رهيو آهي .

سائين جي ايم سيد جا به مسلم ليگ سان اختلاف سائين غلام حيدر شاهه جي مقابلي ۾ خانبهادر غلام محمد وساڻ کي ٽڪيٽ ڏيڻ تان مچي  مواڙ ٿيا هئا. ڪرنل فلپ لکي ٿو ته اسان چاليهه هزار کان مٿي سنڌي حر ماريا هئا. ميجر جنرل (ر )وصال محمد خان لکي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ ڪٿي به انگريزن مارشل لا نافذ ڪو نه ڪيو پر مهراڻ ماٿري جا مکي وارا مانجهي مڙس ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مارشل لا لاڳو ڪيو هئائون. شاهه مردان شاهه جي حرن پاڪستان ڏانهن هندستاني پيش قدمي کي ڪيئن ۽ ڪٿي ڪٿي روڪيو هو؟ هي داستان ته دور حاضر جا آهن. پير صاحب مولانا  ظفر خان جا اهي بيت پڙهي پنهنجن وڏن جي حريت ۽ آزادي واري  قرباني تي روشني وجهندو هو !

مادر هندڪي

فرزندان گرامي آئي

ديک ڪس شان سي

انگريز ڪي حامي آئي،

لعنت هر دو جهان ڪي هي،

سياهي منه پر،

ڪرڪي برباد حرم ڪو

يه حرامي آئي

گهڻائي ڪتاب لکجي چڪا آهن ۽ گهڻا ئي ڪتاب لکبا پيا ته شاهه مردان شاهه پنجاهه سال پاڳاري پير جي حيثيت سان ڇا ڪجهه ڪيو؟ اهڙو ڪو گادي نشين آهي جنهن  ڏهه سال جلاوطني جا اذيت ناڪ مرحلا دهلي ۽ لنڊن تائين ڀوڳيا هجن. جنهن جي والد بزرگوار جام شهادت نوش ڪيو هجي، جنهن جا مريد گوانٽا ناموبي جهڙي لوڙهن ۾ ڏهاڪو سال لکن جي تعداد ۾ سوگها رهيا هجن. جنهن “دي اسٽيٽسمين” نالي واري انگريزي ۽ “مهراڻ” نالي سنڌي اخبار پنهنجي خرچ سان جاري ڪئي هجي. جنهن جا پنج سو کان مٿي ادارا ۽ اڪيڊميون فري ۾ علمي خدمتون سرانجام ڏيندا هجن. جنهن ديوان مسڪين ۽ اصغر سائين جي ڪلام کان ويندي مڪتوبات ۽ ملفوظات جا سوين ڪتاب اشاعت جي زيور سان آراسته ڪري سنڌ ي جي علمي روايتن کي جلا بخشي هجي. جنهن اڌ صدي جي سفر دوران ملڪي سياست ۾ منفرد سڃاڻپ ٺاهي هجي. جنهن جا خوش طبعي وارا گفتا هجن يا ذو معنيٰ جملن ۾ اظهار ماضي الضمير جي لاجواب صلاحيت. هن ته پنهنجي آخري سفر کي خوش گفتاري سان همڪنار ڪري نراليون روايتون قائم ڪيو هيون. هي مهراڻ ماٿري جي ماٿي جو جهومر وسارڻ جهڙو جوان آهي ڇا؟  مراد علي شاهه صاحب ڀري ٻيڙي ۾ پاڳارو پير ڳرو ڇو آهي؟ ڇاڇرو نالي واري ديهه کي برقرار رکندي جيڪڏهن توهان يوسي شاهه مردان شاهه ائٽ غلام حيدر شاهه  جو نوٽيفڪيشن ڪڍي ڇڏيو ته به ڪاڻيارا ڪو نه ٿيندئو.