ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ ڳوٺ خدابخش ڪلھوڙو واسي ڳوٺاڻن پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صدورو ڪلھوڙو، عاقل ڪلھوڙو، ياسين ڪلھوڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته بااثرن سولر سسٽم چوري جي الزام ۾ رات جو 2 وڳي پوليس چڙھائي ڪرائي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، هنن چيو ته پوليس نوجوان صلاح الدين کي ٿاڻي تي ڳالھين لاءِ گھرائي پوليس اھلڪارن کان تشدد ڪرايو، جنھن بعد ھنن نوجوان کي زخمي حالت ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، ھنن چيو ته بااثرن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، ٻئي پاسي مخالف ڌر جي فتاح ڪلھوڙو ٻڌايو ته الزام بي بنياد آھن، ڀلي جاچ ڪرائي وڃي.