ڀرياسٽي (ن پ ا) تعلقي ڀريا جي اين اي 205 ۽ پي ايس 33 تي شادي ڪندڙ گھوٽ نڪاح ڪرڻ کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن تي پهچي ويو، گھوٽ بابر راجپوت جي شادي نواب شاهه ۾ رٿيل ھئي، بابر راجپوت تيار ٿي وني ماڻڻ لاءِ نواب شاهه وڃڻ کان اڳ دوستن ۽ گهروارن سان پولنگ اسٽيشن تي پهچي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ان سلسلي ۾ گھوٽ بابر راجپوت جو چوڻ ھو ته اليڪشن ۽ سندس شادي هڪئي ڏينهن آهي، ان ڪري هو شادي کان اڳ پولنگ تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي، هن چيو ته شادي جو پروگرام يادگار بنائڻ لاءِ هن اھڙو فيصلو ڪيو ته پھريان ووٽ  ڪاسٽ ڪيان بعد ۾ نڪاح لاءِ روانو ٿيان.