ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ريلوي اسشيشن ويجهو سيڪينڊري اسڪول سامھون ياسين ڪالوني جي رھواسڻ 40 سالن جي شادي شده عورت مسمات فوزيا زال شاھد آرائين پٽڙي ڪراس ڪرڻ دوران ٽرين ھيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، اطلاع تي ڀرياروڊ ريلوي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي عورت جو لاش ايمبولينس وسيلي  ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جو لاش گهر آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو.