ڀرياروڊ ڀرسان بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب پورھيت نوجوان فوت

0
213

ڀرياروڊ(ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورھيت نوجوان جانب علي راڄپر ولد جمن راڄپر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو

فوتي جي ڀاءُ پنھل راڄپر ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ ڀرياروڊ ڀرسان بوهه جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو ھو جنھن کي بوهه پريس ڪندڙ مشين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳو جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو آهي

ھوڏانھن نوجوان جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ چاھين سليمان راڄپر آندو ويو جتي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو