ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاھ چيو آهي ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ بعد ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙو وڌائڻ نه ڏينداسين، جن ٽرانسپورٽرن عوام کان وڌيڪ ڀاڙو ورتو، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلين سبب عوام تي روزانو مهانگائي جا بم ڪيرايا پيا وڃن، هن چيو ته وفاقي سرڪار ۾ ويٺل نااهلن جي ٽولي مُلڪ جي عوام کي مصيبتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.