نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا جو قهر، حالتون ڪنٽرول مان نڪري ويون، اسپتالن ۾ آڪسيجن جي کوٽ سبب موت وڌڻ لڳو، ماڻهن بيوس بڻجي ويا، ممبئي ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ جو سڀ کان وڏو مرڪز آڪسيجن کان خالي ٿي ويو، وبا سبب هن وقت تائين هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ 2800 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، لاڳيتو ٻئي ڏينهن به 3 لک 53 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ هن وقت ڪورونا ڪيسن جو تعداد هڪ ڪروڙ 70 لک کان وڌي ويو آهي، بنگلاديش ڀارت سان سرحدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اردن به ڀارت جي اڏامن تي 14 ڏينهن لاءِ پابندي لڳائي آهي.