ممبئي (انٽرسٽنگ نيوز) ٿانوَ ڌوئيندي ڌوئيندي ڇت تان ڪرندڙ ڀارتي ناريءَ جي وڊيو سوشل ميڊيا صارفين کي پريشان ڪري ڇڏيو، صارفين معاملي جي سنگيني تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اڪثر ڀارتي ڊرامن ۾ اهڙا منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن جن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه هوندو آهي، ڪڏهن هيروئن هلندي هلندي سوٽ ڪيس ۾ ڪري بيهوش ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن ڪڙوا چوٿ جو برت ٽوڙڻ لاءِ هيرو پنهنجي هٿن سان چنڊ ڪڍي ايندو آهي ته ڪڏهن هيرو هيروئن لغڙ ۾ لٽڪي هوا ۾ اڏامي ويندا آهن، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب بئنگلور رياست ۾ هڪ 24 ورهين جي روينا نالي ناري ڇت تي ٿانوَ ڌوئيندي ڊرامائي انداز ۾ هيٺ ڪري پئي، ناري صابڻ تان پير ترڪڻ سبب ٽئين ماڙ تان سڌي هيٺ ڪري پئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص لٽڪندڙ ناريءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هٿ ڇڏائجڻ سبب ناري ٽئين ماڙ تان سڌو هڪ موٽرسائيڪل تي ڪري پئي ٿي، علائقي واسين ناري کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رڪشا ۾ کڻي علاج لاءِ اسپتال پهچايو.