ممبئي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ديو جيڏو واڳو روڊ تي نڪري آيو،جنهن جي ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ضلعي رتا نگري ۾ وڏي جسامت وارو واڳو روڊ تي گھمندي ڏٺو ويو، جنهن ٽريفڪ روڪي ڇڏي ۽ شهري ان کي ڏسي ڊڄي ويا. رتا نگري جي پاڙي چاءِ پلن ۾ اهو واقعو پيش آيو. جنهن جي بعد ۾ وڊيو وائرل ٿي وئي. واڳو کي ڏسي ڪيترائي شهري ڊڄي ويا ۽ روڄ راڙو شروع ڪري ڏنو. بعد ۾ جھنگلي جيوت کاتي جي رضاڪارن پهچي واڳو کي ريسڪيو ڪري محفوظ ماڳ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، پر اڃا به ان ڳالهه جو پتو پئجي نه سگھيو آهي ته اهو واڳو آيو ڪٿان؟