اترپرديش(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ شاديءَ تي ڪنوار اسٽيج تي گهوٽ سان گڏ ويهي هوائي فائرنگ ڪئي جنهن تي گهوٽ ڊڄي ويو ۽ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست اترپرديش ۾ ڪنوار پنهنجي شادي ۾ پستول سان فائرنگ ڪرڻ جي وڊيو مقامي پوليس طرفان جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي. واقعو ڀارت جي گادي واري هنڌ نئين دهلي کان 200 ڪلو ميٽر پري هٿراس شهر ۾ پيش آيو. وڊيو ۾ هڪ شخص اسٽيج تي گهوٽ سان گڏ ويٺل ڪنوار کي ريوالور ڏئي ٿو ۽ عورت هڪ ٻئي پٺيان فائر ڪري ٿي ۽ پستول برابر ۾ بيٺل مرد کي واپس ڪري ڇڏي ٿي. اهڙو واقعو جيامالا رسم کانپوءِ پيش آيو. جتي جوڙي هڪ ٻئي کي هار پارايا. هڪ ماڻهو جيڪو ڪنوار جي خاندان مان هو اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ عورت کي پستول ڏنو جنهن تي عورت 4 هوائي فائر ڪيا. مقامي پوليس ان واقعي تي ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ ڪنوار جي ڳولا ڪري رهي آهي جيڪا مبينا طور فرار آهي.