سرجاپور (شوبز نيوز) ڀارت ۾ مشهور آمريڪي آن لائن ڪمپني پاران گھرايل پارسل مان زهريلو نانگ نڪري آيو. ڀارتي ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن موجب ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي علائقي سرجاپور ۾ هڪ خاندان پاران ايمازون تان ايڪس باڪس آرڊر ڪيو ويو هو. پارسل جڏهن گھر پهتو ته گھر وارن پارسل ۾ ڪا لڏندڙ شيءِ محسوس ڪئي، جڏهن گھر وارن پارسل کوليو ته ڏٺو ته ان ۾ نانگ هو. پارسل ۾ جيئرو زهريلو نانگ ڏسي گھر وارا ڊڄي ويا پر ڀاڳ ڀلا هئن جو نانگ پارسل جي ٽيپ ۾ ڦاٿل هو ۽ گھر جي ڪنهن ڀاتيءَ کي نقصان نه پهچائي سگھيو. ڀارت ۾ ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ به آن لائن گھرايل آئيسڪريم مان سو پيري نڪري آئي هئي. جڏهن ته هڪ ٻئي واقعي ۾ آئسڪريم نان انساني آڱر نڪتي هئي.