ڀوپال (م ڊ) ڀارت جي شهر ڀوپال ۾ انتهاپسند هندن مسلمان ڇوڪري کي پاتل برقعو زوري لهرائي ڇڏيو. مليل رپورٽن موجب ڀوپال جي علائقي اسلام نگر جي هڪ ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ اسڪوٽي تي سوار ٿي وڃي رهي هئي ته هندو انتهاپسندن کين روڪي ورتو ۽ ڇوڪري کي برقعو لاهڻ جو چيو ۽ ٻنهي کي هراسان ڪيو. نوجوان پاڻ سان گڏ ناري جو برقعو پاڻ لاهي انتهاپسندن حوالي ڪيو جن وري اهو کين واپس ڪري ڇڏيو ۽ آئنده برقعو نه پائڻ جي هدايت ڪئي.