ڀارتي چونڊون: نفرت ۽ آمريت خلاف عوامي فيصلو

0
22
ڀارتي چونڊون: نفرت ۽ آمريت خلاف عوامي فيصلو

 دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ هندستان جي عوام “هندتوا” واري نريندر مودي جي اعلان کي رد ڪندي سيڪيولر ڀارت جي ساک کي ٻيهر بحال ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪري کيس سياست جي بند گهٽيءَ ۾ آڻي بيهاريو آهي. ڀارتي لوڪ سڀا ۾ چار سئو پلس واري اعلان تي عوام بي جي پي کان منهن موڙي گذريل 5 سالن وارين 303 سيٽن مان 63 سيٽون کسي کيس 240 سيٽن تي آڻي بيهاريو آهي. اهڙي طرح ڀارتي لوڪ سڀا ۾ مرڪزي حڪومت ٺاهڻ لاءِ بي جي پي کي 272 وارو آڪڙو به حاصل نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ کيس ننڍين ننڍين پارٽين جي مدد سان جن جو انگ 52 بيهي ٿو، حڪومت ته ٺهي ويندي پر جيئن گذريل ڏهاڪو سالن کان نريندر مودي پنهنجي من ماني سان فيصلا ڪري ملڪ هلائي رهيو هو، هاڻ هو اتحادين جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ڪو به فيصلو نه ڪري سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو گذريل اڱاري تي چونڊ نتيجن جي اعلان سان ئي انڊيا اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي، ڇو جو ملڪ جي سرمائيدارن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو ته مودي هاڻ ائين ڀارت سندن حوالي نه ڪري سگهندو، جيئن ماضي ۾ ڪندو آيو آهي.

انڊين اليڪشن ڪميشن موجب بي جي پي 240 سيٽون حاصل ڪيون، کيس چونڊن ۾ 63 سيٽن جو نقصان ٿيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس 99 سيٽون، سماج وادي پارٽي 37، آل انڊيا ترنومل ڪانگريس 29 سيٽون حاصل ڪيو. بي جي پي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 272 سيٽون گهربل هيون ۽ ان کي 293 سيٽون حاصل ٿي ويون آهن ۽ ڪانگريس جي انڊيا اتحاد کي 235 سيٽون ملي سگهيون آهن. اهڙي اعلان بي جي پي ۽ ان جي اتحادين حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري نريندر مودي کي ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم بڻائڻ جو اعلان ڪري ڪابينا ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. نريندر مودي هندستان جي باني وزير اعظم جواهر لعل نهرو بعد ٽيون ڀيرو 5 سالن لاءِ اقتدار حاصل ڪندڙ اڳواڻ بڻجي ويو آهي. جڏهن ته راهول گانڌي جي هندستان اتحاد وارن به بي جي پي جي ٻين اتحادين سان جوڙ توڙ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان اليڪشن تي پوري دنيا جون نظرون ڄميل هيون. ڪيترن صوبن ۾ بي جي پي کي وڏي اڪثريت جي اميد هئي، جيڪا مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي. ڪانگريس پارٽي گذريل اليڪشن ۾ پوري ملڪ مان صرف 54 سيٽون حاصل ڪيون هيون پر هن ڀيري راهول ۽ پريانڪا گانڌي جي محنت ۽ اتحادين سان گڏجي جيڪا چونڊ مهم هلائي، ان ۾ هو سئو تي اچي پهتا آهن، جڏهن ته انهن جي اتحادين جي به ڪامياب حڪمت عملي مخالفن جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. سڄي ملڪ جون نظرون تاريخي تڪراري علائقي فيض آباد ۾ کتل هيون، جتي 1992ع ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي سپريم ڪورٽ جي مدد سان تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪرائي اتي رام مندر جوڙايو ۽ اتي کين سئو سيڪڙو پڪ هئي ته هندو کين ڪامياب ڪندا پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ بي جي پي کي شڪست ملي. اتر پرديش ۾ راهول گانڌي ۽ کاٻي ڌر جي سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ اڪهليش يادو زبردست حڪمت عملي سان هيٺين ذات جي هندن، نوجوانن، عورتن ۽ خاص ڪري مسلمان ۽ عيسائي ووٽرن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. پوري اتر پرديش ۾ سماج وادي پارٽي 37، ڪانگريس 6 حاصل ڪري اتحاد ۾ 43 سيٽن جو اضافو ڪرايو.

مودي جنهن تيزي سان اڳتي وڌڻ جا گر ڏيکاري رهيو هو اتي سندس ئي تڪ وارانسي ۾ ووٽرن منهن موڙڻ شروع ڪيو. 2019 ۾ مودي ان تڪ تان 4 لک 80 هزار ووٽ کنيا پر هن ڀيري ڏيڍ لک ووٽ گهٽجي ويس. ان جي ابتڙ راهول گانڌي راءِ بريلي مان 3 لک 90 هزار ووٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي. اميٺي مان بي جي پي جي اسمرتي ايراني ڪانگريس جي ڪشوري لال، جيڪو راهول گانڌي جو سيڪريٽري به آهي، کان شڪست کائي وئي. اميٺي جيڪو ڪانگريس جو تاريخي ڳڙهه رهيو آهي، اهو انهن واپس وٺي ڇڏيو آهي. اولهه بنگال ۾ ترنمول ڪانگريس جيڪا ٽي ايم سي طور سڃاتي ويندي آهي، ان پنهنجو قلعو بچائي بي جي پي کي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو آهي. اتي ترنمول 29، بي جي پي صرف 12 ۽ باقي 7 سيٽون ڪانگريس کٽي ورتيون آهن. ڏاکڻي رياست ڪيرالا جيڪو بي جي پي جو ڳڙهه هوندو هو، اتان به ڪانگريس 14 سيٽون ڪڍي وئي آهي. ان صوبي ۾ هندو  آبادي 55 سيڪڙو، مسلمان 27 سيڪڙو ۽ عيسائي 18 سيڪڙو آهن. جتان ئي بي جي پي مسلمانن خلاف “لوِ جهاد” واري تعصبي نعري جي شروعات ڪئي هئي ته مسلمان زوري هندو ڇوڪرين سان شاديون ڪري انهن کي مسلمان ڪري رهيا آهن. ان لاءِ انهن عيسائين تي به ڪم ڪيو ۽ ڪيترن اهم پادرين کي پاڻ سان ملايو ته مسلمان عيسائي ڇوڪرين سان به زوري شاديون ڪري انهن کي مسلمان ڪري رهيا آهن ۽ هو عيسائي پادرين کي پنهنجي مهم ۾ شامل ڪري مسلمانن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻايا پر ان ۾ ناڪام ويا ۽ ماڻهن کاٻي ڌر ۽ ڪانگريس تي اعتماد ڪري بي جي پي کي سائز ۾ آڻي بيهاريو. مهاراشٽر ۾ انتها پسند هندو تنظيمن شو سينا ۽ نيشنلسٽ ڪانگريس بي جي پي جي مسلسل دوکي بازي کان بيزار ٿي هن ڀيري ڪانگريس سان اتحاد ڪري ورتو. ڪانگريس مهاراشٽر مان اڪيلي سر 13 سيٽون حاصل ڪيون ۽ بي جي پي صرف 9 سيٽون کٽي سگهي، جڏهن ته باقي 30 سيٽون انهن ٻنهي پارٽين حاصل ڪيون آهن.

“مون کي ڪنهن ڄڻيو ناهي پر خدا مون کي زمين تي موڪليو آهي” جي دعوا ڪندڙ نريندر کان سندس پارٽي ۽ اتحادي اها اميد ڪري رهيا هئا ته هو پنهنجي حڪمت عملي سان پوري ڀارت کي هندو اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري بنيادي تبديليون آڻيندو پر اهي سڀ جو سڀ هوا ٿي ويون. سندس حامين ۽ مخالفن جو اهو چوڻ هو ته ڀارت هڪ پارٽي هڪ رياست ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي جيئن 2016 ۾ ٽرمپ جي فتح، ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي چونڊن ۾ صدما ظاهر ٿيا، تيئن ئي ڀارت ۾ به ٿيو آهي ۽ ائين مودي جي ون مين شو واري پاليسي ناڪام ٿي وئي آهي. مودي گذريل ڏهاڪو سالن ۾ انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ خلائي پروگرام ۾ ته ڪافي بهتري ڪئي. انڊيا دنيا جي ٻئي وڏي معيشت بڻجي ويو. ڊپلوميسي ذريعي آمريڪا ۽ چين سميت روس سان لاڳاپا بهتر ڪري اتان جي منڊين ۾ نفعي وارا ڪاروبار شروع ڪرايا پر پوري ملڪ جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم نه ڪري سگهيو. هارين سان اهڙيون جٺيون ڪيون جو هو سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي پيا.

مودي پوري طاقت سان ملڪ جي ميڊيا کي ڪنٽرول ۾ رکيو ايستائين جو اليڪشن مهم ۾ مقامي ميڊيا مخالف ڌر بجاءِ مودي جا گيت ڳائڻ شروع ڪيا. عدالتن کي ڪنٽرول ڪري ڪيترن ئي اڳواڻن کي يا ته جيلن ۾ واڙيو يا وري انهن کي اهڙن ڪيسن ۾ مجهائي ڇڏيو جو هو صحيح معنا ۾ چونڊ مهم به نه هلائي سگهيا. مخالف ڌر جو الزام آهي ته مودي رياستي سربراهه جو فائدو وٺندي ملڪ جي ڳجهن ادارن کي اسان خلاف ڀرپور نموني استعمال ڪيو. دهلي تي حڪمراني لاءِ نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال کي مارچ ۾ گرفتار ڪرائي بند ڪرائي ڇڏيو، سندس مالي اثاثا روڪرائي ڇڏيا. ڪشمير جي تاريخي آزاد حيثيت واري آرٽيڪل 317 کي ختم ڪرائي پوري ملڪ کي اهو پيغام ڏنو ته هتي صرف هندو جي مرضي ۽ منشا هلندي “درانداز” پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن. ائين مسلمانن کي چيڙائي پوري ملڪ ۾ هڪ نئين نفرت واري سياست کي جنم ڏنو. پوري ملڪ جي سول سوسائٽي خلاف رڻ ٻاري ڏنائين. ڀارتي مبصر جو چوڻ آهي ته ماڻهن “نفرت ۽ آمريت” خلاف ووٽ ڏنو آهي. عوام پيغام ڏنو آهي ته هاڻ هو بي جي پي جي 10 سالن واري سياست مان بيزار ٿي چڪا آهن.

مودي پنهنجي سموري الڪشن مهم ۾ ڪانگريس سربراهه راهول گانڌي کي پاڪستاني شهزادو قرار ڏيندو رهيو. “پاڪستان وارن چوڙيون پاتيون آهن” جهڙي ٻولي ڳالهائي هندو ووٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان ۾ ناڪام ويو ۽ هاڻ حڪومت ۾ ايندي ئي نريندر مودي پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائڻ لاءِ پاڪستان کي ٽارگيٽ ڪندو ۽ هو ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سنڌ طاس معاهدي جهڙن معاملن تي گرمي پد کي وڌائي نوان مسئلا پيدا ڪندو. ائين پيو لڳي ته هن وقت انڊيا ۾ هڪ اهڙي سياسي ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي آهي ته پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪي به سياسي يا اقتصادي فائده ناهن.