ٿوري برسات ۾ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي گم

0
343
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ برساتي موسم آهي عام ماڻهو ۽ خاص ڪري زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو  انهي برسات لاءِ دعائون گهرندا آهن،پر ادارن جي نااهلي ماڻهن لاءِ انهي برسات کي رحمت بدران زحمت بڻائي ڇڏيندي آهي. اهي ادارا صوبائي حڪومت جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندا هجن يا وفاقي حڪومت انهن کي سنڀاليندي هجي پر ماڻهن لاءِ اهي عذاب بڻجي ويندا آهن.لڳندو ايئن آهي ڄڻ اها برسات انهن ادارن جي ڪارڪردگي کي وائکو ڪرڻ لاءِ ايندي آهي ۽ گهڻو ڪجهه لوڙهڻ سان گڏ انهن ادارن جون اهي دعوائن به لوڙهي ويندي آهي جيڪي هو هر وقت عوام جي بهتر لاءِ ڪندي ناهن ٿڪبا.ڪٿي ڊرينيج سسٽم بند ٿي ويندا آهن ته ڪٿي بجلي ايئن گم ٿي ويندي آهي ڄڻ برسات پيل علائقن ۾ ان جو وجود ئي نه هجي.

گذريل ٻن ڏينهن کان ڪراچي کان وٺي لاڙ پٽ جي علائقن ۽ ٿر ۾ برسات پئي آهي اها برسات اهڙي ناهي جنهن کي معمول کان وڌيڪ جون برساتون چئي سگهجي پر برسات جي پهرين ڦڙي پوڻ سان اڪثر علائقن ۽ شهرن ۾ بجلي هلي وئي ۽ شهري برسات جو مزو وٺڻ بدران عذاب ۾ اچي ويا. جتي ٿوري برسات پئي ته پاڻي رستن تي بيهجي ويو ۽ بجلي نه هئڻ ڪري اهو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ڏکيايون اچي رهيون آهن. اسان جي ادارن جي حالت اها آهي ته اهي معمول جو ڪم ئي صحيح نموني نه ڪندا آهن پوءِ جڏهن ڪا ٿوري گهڻي ايمرجنسي جي حالت ايندي آهي ته ماڻهن کي نڌڻڪو ڇڏي پاڻ وڃي ننڊ ڪندا آهن. هنن برساتن ۾ به اها ئي حالت نظر اچي رهي آهي اڃان ته وڌيڪ برساتون پوڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن معمول کان وڌيڪ برساتن پيون ته پوءِ بجلي جي بندش کان وٺي روڊن رستن تي بيٺل پاڻي سبب شهري ڪهڙين حالتن مان گذرندا  انهن جي انهن ادارن جي چڱن مڙسن ۽ حڪمرانن کي پرواهه ئي نه هوندي. ڪراچي ۾ ٿوري برسات سبب هاءِ ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي سبب 1400 فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن ڪري شهر جو اسي سيڪڙو علائقو اوندهه ۾ ٻڏي ويو، ڪٿي ٽن ڪلاڪن کانپُوءِ بجلي بحال ٿي ته ڪٿي 12 ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ به بجلي اچي نه سگهي. ڪراچي کي ملڪ جي معيشت جو حب چيو وڃي ٿو جتي ڪاروبار کانوٺي صنعتن جو ڄار آهي ۽ اهي سڀ بجلي کانسواءِ پنهنجو ڪم ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن جيڪڏهن انهي شهر ۾ رڳو 10 ملي ميٽر جي برسات ۾ 80 سيڪڙو شهر جي بجلي بند ٿي وڃي ته باقي ننڍن شهرن جي حالت ڇا هوندي اهو سمجهڻ ڪو ايڏو ڏکيو ناهي.انهي کانسواءِ بجلي جي بندش ۽ روڊن تي پاڻي بيهڻ سبب سڄو ڪاروهنوار متاثر ٿئي ٿو جنهن جو مطلب ٿوري لاپرواهي ۽ نااهلي سبب صوبي کي ڪيترو معاشي نقصان ٿئي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنيون جنهن انداز ۾ ماڻهن کان بلن جو اڳاڙيون ڪن ٿيون يا عام عوام جي ٽئڪس جي پئسن تي پلجن ٿيون انهن جي ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي،ايئن ئي ميونسپل جا ادارا به عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن اها  وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ٻنهي جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجي ماتحتي ۾ هلندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکن ۽ عوام کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارين.