ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۽ ڏاھلي ۾ لمپي وائرس وگهي وڌيڪ 20 ڍڳيون مري ويون، انگ 150 ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ لمپي وائرس تباهي مچائي ڇڏي آهي،  ٻن ڏينهن ۾ ڇاڇرو جي ڳوٺ ارباب جي ڍاڻي ۽ ڏاھلي تعلقي جي ڳوٺ رڙگهڙ ۾ اڪبر سميجو، لائيڪ علي سميجو، اسلام الدين سميجو، ڪمال الدين، عبدالستار، رمضان سميجو، سراج الدين سميجو، ابن علي سميجو، صلاح الدين سميجو سميت ٻين جون 20 ڍڳيون لمپي وائرس وگهي مري ويون، ٻن مهينن دوران لمپي وائرس سبب مري ويل ڍڳين جو انگ وڌي 150 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي جانور بيماري ۾ ورتل آهن، ڀاڳين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي جانورن جو علاج ڪرايو وڃي. ٻي طرف لائيو اسٽاڪ جي انچارج ڊاڪٽر اجئه ڪمار جو چوڻ هو ته شروع ۾ اسان 51 هزار ڍڳين ۾ لمپي وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي هئي،جولاءِ جي آخر ۾ ويڪسين ختم ٿي وئي آهي.