مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ جي  گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ چيف آرگنائيزر سالم سميجو، الماس نهڙيو، منير جوڻيجو، ممتاز راهمون، راهول ديو، لو چنداڻي، صابر جوڻيجو، ايڊووڪيٽ شوڪت سنڌي، راهول شرما، راڪيش ڪمار سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٿر ڪو پروجيڪٽ ناهي، ٿر سنڌ وطن جو قديمي ثقافتي ۽ تاريخي حصو آهي، هتان جي ماڻهن جي وجود سان هٿ چراند واري مڪروهه راند جا رانديگر مقامي ماڻهن جي تڪليفن، اهنجن ۽ اذيتن کي ڪيش ڪرائڻ واري فارمولي کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪنداسين، اڳواڻن چيو ته ٿرڪول منصوبي ۾ ڌرتي ڌڻين کي ڀت سان لڳائڻ لاءِ گهڻ رُخي سازش ڪئي پئي وڃي، ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جي لاءِ زير زمين پاڻي ڪڍي استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري ڪول بلاڪ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ زير زمين پاڻي ختم انتهائي تيزي سان ختم ٿيندو پيو وڃي، کوهه سڪي ويا آهن ۽ جر جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، مقامي ماڻهو پاڻي لاءِ پريشان آهن، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين خراب ٿي ويندي تنهنڪري اسان جو ڪول ڪمپنين، سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته ٿر جي زير زمين پاڻي کي ڪوئلي جي کوٽائي واري ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ ماڻهن کي پاڻي جي بنيادي حق کان محروم نه ڪيو وڃي، هنن چيو ته ٿرڪول سان منصوب انهن سمورن مسئلن سميت روزگار ۽ بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻ، اتان جي مقامي ماڻهن جي خدشن جو تدارڪ ڪرڻ توڙي قدرتي وسيلن تي والار خلاف 23 جون تي اسلامڪوٽ ۾ پيادل شارٽ مارچ ڪيو ويندو، آخر ۾ ٿر سجاڳ سٿ جي جنرل سيڪريٽري آڪاش هميراڻي ۽ سورج جئپال جي ڏنل استعيفا کي اتفاق راءِ منظور ڪئي وئي.