ڪراچي (نمائندن وٽان) ٿر جي صحرا ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، ڇاڇرو، چيلهار ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سان گرمي جو زور ٽٽي ويو، وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب ۾ الله آباد، قصور، ڪنگن پور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات ٿي، چونيان ۾ برسات سبب سارين ۽ مڪئي جي فصل کي نقصان پهتو، رائيونڊ ۾ وسڪاري سبب گهٽين ۽ روڊن تي پاڻي بيهچي ويو، لاهور ۾ گهٽ وارو ماحول رهيو، ڪراچي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ٺٽي ويجھو چليا ڀرسان ڳوٺ آدم ڀنڀرو لڳ برسات جي وسڪاري دوران کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺ سيد نورمحمد شاھ شيرازي واسي 30 ورهين جي فرزانه ملاح موقعي تي فوت ٿي وئي.ٽنڊو محمد خان ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي ويو ، برسات جي تيز وسڪاري سبب شهر جا ڪيترائي علائقا الفتاح چوڪ ، ڦليلي پار ، بهراڻي محله ، تين بتي چوڪ ، مهراڻ چوڪ ، اسٽيشن روڊ ، مير غلام علي پارڪ روڊ سميت مختلف علائقا مڪمل پاڻي هٺ اچي ويا. نصرپور ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سانوڻ جي موسم جو تيز وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته روڊ رستن تي پاڻي بيھي رهيو، برسات شروع ٿيندئي بجلي بند ٿي وئي برسات سبب بصر جي تيار ٿيل فصل کي نقصان ٿيڻ جو امڪان آهي. غلام شاهه موري، گڏهرو موري، ڏيئي شهر ۽ ڀرپاسي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾بجلي پڻ بند ٿي وئي. پنگريو ۾ تيز ھوا ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جنھن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو. کورواھ ۽ ڀرپاسي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. پيرولاشاري ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب گرمي جو زور ٽُٽي ويو.