ٿاڻو بولا خان  (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ چيئرمين ھريش ڪمار ڏناڻي پيش ڪري ڇڏي، نئين مالي سال بجيٽ ۾ خرچن جو ڪاٿو 16ڪروڙ 57لک 87ھزار ٻه سئو 83 رپيا لڳايو ويو آھي، مجموعي طور 51 هزار هڪ سئو 18 رپين جي بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، ساليانو بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن لاءِ 7ڪروڙ  98 لک 32ھزار 83 رپيا ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ ھڪ ڪروڙ 38 لک رپيا رکيا ويا، رزرو فنڊ جي مد ۾ ھڪ ڪروڙ  35 لک ھڪ ھزار رکيا ويا، ڪانٽيجنسي فنڊ لاءِ 5 ڪروڙ  24 لک 30 ھزار رکيا ويا، بجيٽ اجلاس ۾ اڪائونٽ آفيسر پرويز حنيف بلوچ، ٽائون آفيسر الطاف حسين راھپوٽو، وائس چيئرمين شهزاد ميمڻ سميت ڪائونسلرن شرڪت ڪئي.