ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻو بولا خان سب جيل ۾ غير حاضر رهڻ تي هڪ ايس آءِ کي معطل ڪندي 4 اهلڪار لائن حاضر ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ٿاڻوبولاخان سول جج ۽ جوڊيشل ماجسٽريٽ 16.04.2021 تي اچانڪ سب جيل ٿاڻوبولاخان جو دورو ڪيو. دوري دوران سب جيل جو عملو غير حاضر ھئڻ جو نوٽس وٺندي ايس ايس پي ڄامشورو غيرحاضر عملي ھڪ ايس آئي مشتاق احمد راھوجو کي سسپينڊ ۽ 4 پوليس اھلڪارن مھراڻ برھماڻي ،رستم خاصخيلي ، شبير خاصخيلي، ۽ زين العابدين کي لائين حاضر ڪري ان جاء تي نئون عملو مقرر ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سب جيلر ربڏنو ميمڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 28 اپريل 2021 تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڄامشورو ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.