ٿاڻوبولاخان ( ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان ڀرسان ڳوٺ محمد رحيم نهاڙي برفت ويجھو سنڀڪ  پير ۾ کوسا ۽ نهاڙي برفت برادريءَ جي ٻن  ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. گوليون لڳڻ سبب 35 ورهين جو عبدالستار پٽ حاجي خان نهاڙي برفت زخمي ٿي پيو، اسپتال نيئندي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو،  جڏهن ته زخمي پيرسن امين نھاڙي برفت کي ٿاڻوبولاخان جي تعلقي اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ کانپوءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اماڻيو ويو، مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته  ھجت کوسو سان زمين جو پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، زمين جي تڪرار جو امينن پاران فيصلو پڻ ڪيل ھو جيڪو ھجت کوسي مڃڻ کان انڪار ڪيو، صدين کان زمين آبادي ڪري رھيا آھيون، ابن ڏاڏن کان زمينون اسان جون آھن.  هن چيو ته کوسا برادريءَ جا ماڻھو اسان جي زمين تان سولر انويٽر کڻي ويا، جنھن جا پير کنيا ته ھنن جي ٻني ڏي ويا، منھنجي ڀاءُ ۽ مامي ھجت کوسي ۽ سلام کوسي کان انويٽر گھريو ته ھنن بندوق جا سڌا فائر ڪري منھنجي نوجوان ڀاءُ ۽ مامي کي زخمي ڪري وڌو جنھن کانپوءِ اسپتال نئيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو منھنجي ڀاء کي ھجت کوسي ناحق قتل ڪيو آھي  انصاف ڪيو وڃي. ايس ايچ او جي چوڻ ھو ته واقعو زمين جي تڪرار تان ٿيو آهي .