احمدپور (ن پ ا) احمدپور پي ايس 31 جي جي ڊي اي اميدوار راشد شاهه راشدي چيو آهي ته پ پ جي 15سالن جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، سنڌ جي وسيلن کي ڀڳڙن مٺ تي ڌارين کي وڪرو ڪيو ويو آهي، هتي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته وقت اچي ويو آھي ته سورهيه بادشاهه جي اولاد کي  ووٽ ذريعي اليڪشن کٽرائي وڃي جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن، راشد شاهه چيو ته پ پ وارن مهانگائي ڪري سنڌ جي غريب ماڻھن کان اٽو ۽ اجهو کسي ورتو آھي، غريب عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي، ان کان اڳ شھر جي وارڊ 4 ۾ فضل الله ملاح وٽ پهچڻ تي جي ڊي اي اميدوار جو شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي گل شاهه راشدي، ممتاز ٽالپر، رستم چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.