لاڙڪاڻو/ نئون ديرو (نمائندن وٽان) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بينظير ڀٽو کي شاندار لفظن ۾  خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو هڪ تحريڪ ۽ مشعل راهه آهي ۽ قوم ان جي قومي جذبي،  ڊگهي جدوجهد ۽ مضبوط قيادت کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان مطابق پ پ چيئرمين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 14 يوم شهادت تي پيغام جاري ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو مثالي عالمي ليڊر هئي جنهن پاڪستان ۾ وڏي بهادريءَ سان جهوريت جي بحالي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي .ٻئي طرف اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد خراج عقيدت پيش ڪندي ان عهد جو ورجاءُ ڪيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو هر خواب جي تعمير ڪندي ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪري عوام کي معاشي مشڪلات مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. هوڏانهن پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ايم پي اي فريال ٽالپر بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 ڊسمبر اسان قومي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي هن ڏينهن پاڪستان جي مقبول ترين اڳواڻ کي اسان کان کسيو ويو هو.