لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ يادِ بينظير ڪانفرنس پاڪستان پيپلز پارٽيءَ 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر  سانحن کي هڪ ئي سازش جي ڪڙي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته 18 آڪٽوبر سانحه جي ڪارساز ريلي رات 12 وڳي کان اڳ ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندڙ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي 18 آڪٽوبر سانحي جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو آهي ته 27 ڊسمبر سانحي جون شاهديون ڌوئي صاف ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آمر پرويز مشرف کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪانفرنس ملڪ ۾ بحراني صورتحال، معاشي تباهي ۽ مهانگائيءَ جو ذميوار وزيراعظم عمران خان کي قرار ڏئي وزيراعظم عمران خان کي هٽائي ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي حق حاڪميت ۽ عوام جي آواز کي ختم ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي عدالت کان زبردستي فيصلو وٺي ڦاهي تي چاڙهيو ويو.  ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي نشانو بڻايو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت ۽ ادارن جي هڪ پيج تي هجڻ جون دعوائون ڪندڙ وزيراعظم عمران خان جي نواز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ بابت ڏنل بيان کان پوءِ ڇا ادارا ۽ حڪومت هاڻي هڪ پيج تي نه آهن. هن چيو ته سياسي قوتون ئي ملڪ کي بهتري طرف وٺي وڃي سگهن ٿيون ان لاءِ وزيراعظم عمران خان کي هٽائي ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن ڇاڪاڻ وقت کان اڳ ئي چونڊون سڀني بحراني صورتحال جون حل آهن ان لاءِ وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪري نگران حڪومت قائم ڪئي وڃي جيڪا 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائي ۽ چونڊن ۾ جيڪا جماعت اڪثريت حاصل ڪري ان کي حڪومت ٺاهڻ جو حق حاصل هجي.