ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جا ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ وارو فيصلو چيلنج، ان ڏس ۾ پ پ اميدوار مسعود خان مندوخيل اين اي 242 تي شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي  چيلنج ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جو چوڻ هو ته رٽرننگ آفيسر منهنجا اعتراض رد ڪري شهبازشريف جا نامزدگي ڪاغذ تڪڙ ۾ منظور ڪيا آهن، آر او قانوني گهرجن کي به نظر انداز ڪيو آهي، هن استدعا ڪئي ته رٽرننگ آفيسر جو 29 ڊسمبر  وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.