ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) پيپلزپارٽي افغانستان ۾ اقتدار جي تبديلي بعد خطي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمران حڪومت جون ناڪام پرڏيهي پاليسيون ملڪ کي دنيا ۾ اڪيلو ڪري رهيون آهن. وفاقي حڪومت جي پرڏيهي پاليسين سبب نه رڳو امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي پر ملڪ معاشي طور به گھڻو ڪجھه ڀوڳي سگھي ٿو. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي (سي اي سي) جي اجلاس ۾ افغان صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سمورن اقتداري دورن ۾ بهتر پرڏيهي پاليسي سبب پاڪستان دنيا ۾ نه رڳو دوست ٺاهيا پر ملڪ ترقي پڻ ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي پيپلزپارٽي جي گذريل وفاقي دورتائين نه رڳو پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا رهيا پر دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن پاڪستان جي مدد ڪئي، پيپلز پارٽي اهڙي افغانستان حمايت ڪري ٿي جتي جمهوري قدر هجن ۽ سمورن شهرين کي معاشري ۾ پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪرڻ جي آزادي هجي