ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسان جي آئيني عهدن ( (گورنر سنڌ) کي گهليو ويو ته صدر زرداري کان استعيفا جو مطالبو ڪنداسين.
پنهنجي بيان ۾ هن  چيو ته پ پ اڳواڻن جو رويو غير سياسي آهي، اسان پريس ڪانفرنس ۾ عدالتي فيصلي ۽ ايم ڪيو ايم جي موقف جي تائيد جي ڳالهه ڪئي پر پ پ اڳواڻن خالد مقبول جي ذات کي نشانو بڻايو. هن چيو ته ڪامران ٽسوري کي زبردستي انهي بحث ۾ گهليو ويو، گورنر ايم ڪيو ايم جو آهي پر هو پارٽي کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، پ پ جڏهن گورنر جي استعيفا جي ڳالهه ڪري ٿي ته اها بحث کي ٻئي پاسي کڻي وڃڻ چاهي ٿي.