پ پ سڀ کان پهرين سياست ۾ دهشتگردي آندي: علي زيد

0
205

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سڀ کان پهرين سياست ۾ دهشتگردي آندي آهي، فهميده سال ۽ ناظم جوکيو جا قاتل ڪير آهن؟ سڀاڻي 12 وڳي گهوٽڪي کان مارچ جي شروعات ٿيندي، شاهه محمود قريشي گهوٽڪي مان مارچ ۾ شامل ٿيندو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي زيدي چيو آهي ته اسان پُرامن ماڻهو آهيون، پنهنجو پيغام عوام تائين پهچايون ٿا، عوام لاءِ آواز اٿارڻ اسان جو جمهوري حق آهي، پ پ جيان ٻيا به پنهنجا جهنڊا لڳائي سگهن ٿا، پيپلز پارٽي کي جتان ووٽ نٿا ملن اُتي به جهنڊا لڳائي رهيا آهن

هن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ پي ٽي آءِ ورڪرز کي جهنڊا لڳائڻ کان روڪيو ويو، پيپلز پارٽي هاڻي کان ئي خوف ۽ پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي

علي زيدي چيو ته پوليس ۽ انتظاميا ذريعي ڪارڪنن کي هيسائڻ نه ڏنو ويندو، پ پ جي ٽڪساٽن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون

هن چيو ته الذوالفقار کان وٺي لياري گينگ وار تائين پيپلز پارٽي دهشتگردي ڪئي آهي، بلاول ڪوئيٽا سانحي ۾ ته پهچي ويو هو پر سنڌ ۾ ڪجهه ٿئي ٿو ته هو  نٿو پهچي

وفاقي وزير چيو ته ڪير به ڀٽو جو نالو رکڻ سان ڀٽو ناهي ٿيندو، بلاول زرداري آهي ۽ زرداري وانگر منافقت سان ڀريل آهي

پي ٽي آئي سنڌ جو صدر ۽ وفاقي وزير علي زيدي ڪراچي کان گهوٽڪي ويندي ڄامشورو پهچي ويو

 پي ٽي آئي سنڌ جو صدر ۽ وفاقي وزير علي زيدي ڪراچي کان گهوٽڪي ويندي ڄامشورو پهچي ويو، جتي قافلي ۾ ايم اين اي سائمه نديم، ايم اين اي عطا الله خان، علي پله ۽ ٻيا شامل هئا

ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته 2023 ۾ سنڌ ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت هوندي، پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙ سمورا ماڻهو جيل ويندا، لاهور ۾ گڏ ويٺل ٽولو پنهنجي ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي

هن چيو ته پنڌرهن سالن کان سنڌ جي عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري انساني حقن جو چيئرمين بڻيل آهي پر هو نواب ولي محمد جي سانحي جي متاثرن تائين پهتو

علي زيدي چيو ته آصف زرداري مافيا آهي، جنهن مختلف طريقن سان سنڌ کي لٽي تباهه ڪيو آهي، بلاول هائوس ۽ زرداري مافيا جي ڪري سنڌ ۾ سموريون برايون ٿي رهيون آهن،  سنڌ ۾ تعليم، صحت، ۽ ٻيو انفراسٽريڪچر تباهه آهي

علي زيدي چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي ۽ صوبي جي تقدير بدلائڻ لاءِ پي ٽي آئي جو ساٿ ڏيئي، جيستائين عوام تير نه ٽوڙيندو، تيستائين سنڌ کي جوڙي نه سگهندو، سنڌ جي ڪنهن به اداري اندر ڪير به محفوظ ناهي