پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ نه رهندي، ڪراچي کي بي اختيار هلائڻ جو وقت ختم ٿي ويو: اسد عمر

0
386
اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج
اسد عمر جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ: پهريون ڀيرو دهشتگرد هٿين خالي آيو آهي: جج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي گرين لائين بس سروس کي تبديلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي ۾ آپريٽو مارڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو جديد نظام نه هو، پر اڄ ڪراچي جا ماڻهو گرين لائين ۾ سفر ڪري رهيا آهن ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو گرين لائين بسن ۾ سفر ڪري چڪا آهن، جيڪي پڇن پيا تبديلي ڪٿي آهي اهي گرين لائين تي سفر ڪن

هن چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ اسان ڏٺو ته ڪراچي ۾ ڪم ٿيندو رهيو، ڪراچي ۾ به توهان کي جديد ٽرين هلندي نظر ايندي، وفاقي حڪومت سرڪيولر ريلوي جو منصوبو به ٺاهيندي، ڪراچي جا ماڻهو پاڻي جي ڦڙي ڦڙِي لاءِ سڪي رهيا آهن، اسان ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

وفاقي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نه سنڌ ۾ رهندي ۽ ئي نه ڪراچي ۾، جيڪو ڪجهه پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي سان ڪيو ماڻهو عوام منافعي سان واپس وٺندو

اسد عمر وڌيڪ چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي کي پورو ظاهر ناهي ڪيو ويو، سياسي پارٽين جي ڪوشش هوندي آهي سياست ڪن مسئلو حل نه هجي، مردم شماري تي اسان جي اتحادين جا بينر لڳل آهن، ڪنهن به حل ناهن ڪيا، سموريون پارٽيون اقتدار ۾ شريڪ رهيون پر مسئلو حل نه ڪري سگهيون، هاڻي ٻيهر آدمشماري ٿيندي جيڪا شفاف ترين هوندي

هن چيو ته مردم شماري مئي کان شروع ٿيندي ۽ ڊسمبر 2022 ۾ نتيجا جاري ڪيا ويندا، نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو ڪراچي جي روڊن تي نظر ايندو

مخالف ڌر جي پارٽين کي مخاطب ٿيندي اسد عمر چيو ته ڪراچي ڪنهن کان خيرات وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ڪن کولي ٻڌو، ڪراچي کي بي اختيار هلائڻ جو وقت ختم ٿي ويو