اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو صدر ۽  پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪراچي کان اسلام آباد پهچي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هو طبيعت جي ناسازي سبب شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريب ۾ نئين ديري ۾ شرڪت ڪري نه سگهندو. سنڌ ۾ بيان ڏيڻ بعد سندس اسلام آباد جي ياترا کي تمام گهڻي اهميت ڏني پئي وڃي.