خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 204 تي پ پ اميدوار جاويد شاهه جي هٿ تي ضلعي جي سڄاڻ ڌرين، درگاھن جي متولين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڊي اي سميت ٻيون پارٽيون ڇڏي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، شموليت ڪندڙن ۾ مخدوم ثمر جھانيان، مدد علي شاھاڻي، قربان ڊومڪي، نواب ڦلپوٽو، عبدالڪريم مري، حافظ غلام ۽ ٻيا شامل آهن، ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي جاويد شاهه چيو ته وقت اچي ويو آھي ته مخالفن جي ھميشه لاءِ تڏا ويڙھ ڪئي وڃي، جمھوريت کي خطرو ٿيندو آھي ته پ پ کانسواءِ ملڪ جي ڪا به پارٽي نظر نه ايندي آھي، تخت اسلام آباد جو جھيڙو ھميشه سنڌ ۽ پ پ ڀوڳيندي آھي، ھاڻي ڪجهه به ٿئي ڊيل ڪرڻ وارن جعلي ليڊرن جي سري عام مخالفت ڪبي، ھن چيو ته تاريخ جي ورڪن ۾ پ پ کان سواءِ ڪنھن به پارٽيءَ سنڌ کي نوڪريون، ترقياتي ڪم، اسپتالون ۽ ٻيون سھولتون نه ڏنيون آھن، هن چيو ته عوام جي فيصلن تي ڌاڙو ھڻندڙن کي ھاڻي عوام معاف نه ڪندو.