نيوسعيدآباد (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي نيوسعيدآباد جي صفائي جي ملازمن پاران 6 مھينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ٻھارا ڇڏ ھڙتال ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي گل محمد شيخ، رشيدا شيخ، پرو گجراتي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن،  شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، دانهڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيو وڃن، ٻي طرف ٽائون ايڊمنسٽريٽر  مقصود ملاح ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي جي ماھوار قسط مان ھر مھيني انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 25 کان 30 لک رپيا ڪٽجڻ ڪري پگھارن جو مسئلو ٿيو آھي، ان باوجود اسان ملازمن کي اڌ پگھارون جاري ڪيون آھن.