ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اين سي ايچ ڊي ۽ بيڪس پراجيڪٽ تحت ڀرتي ٿيل استادن ريگيولر نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو، مظاهرين سي ايم ھائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي، جن کي پوليس سنڌ اسيمبلي ويجھو روڪي لٺبازي ڪئي، جنهن بعد استادن رڪاوٽون ٽوڙي سنڌ اسيمبلي پھچي ڌرڻو ھنيو ، ان موقعي تي استاد اڳواڻن خان محمد ملاح ۽ ٻين چيو ته اھي گذريل 20-25 سالن کان شاگرد پڙھائي رھيا آھن، تازو کين سنڌ تعليم کاتي ۾ ضم ڪيو ويو آھي،  تعليم کاتي ساڻن ٻٽو معيار رکي سندن ملازمت جي حد 55 سال مقرر ڪري پگھار 25 ھزار ماهوار فڪس مقرر ڪئي آهي، جيڪا زيادتي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جي پرائمري استادن جيان کين ريگيولر ڪري سھولتون ڏنيون وڃن،  بعد ۾ استادن جي وفد سيڪريٽري  تعليم سان ملاقات ڪئي، ملاقات بعد استادن صحافين کي ٻڌايو ته تعليم کاتي سندن مطالبا تسليم ڪندي سمري ڪابينا ڏانهن اماڻڻ جي خاطري ڪرائي آھي، جنهن بعد اسان احتجاج ختم ڪريون پيا، ٻئي طرف پريڊي ٿاڻي جو ايس ايڇ او آغا معشوق استادن تي پوليس تشدد جا فوٽيجز ٺاهڻ تان ٽائيم نيوز جي رپورٽر فقير سليم تي ڏمرجي پيو،  هن ساڻس بدتميزي ڪئي، ٻين صحافين جي مداخلت بعد ايس ايڇ او روانو ٿي ويو