فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي پڪا چانگ شهر  ۾ مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي احمد حسين چانگ، عطا حسين شر، شاذ خادم، تصور باقي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته تعلقي جي چئن واهن فيض گنج واهه، علي نواز وهه، ويهون واهه ۽ پنڌرهون واهه ۽ انهن مان نڪرندر شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي، هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري بيٺل فصل تباهه ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته ووئڻن، جوئر. ڪمند ۽ سبزيون توڙي باغ سڙي سڪي رهيا آهن، هنن چيو ته سکر بئراج جو دروازو لڙهي وڃڻ جو بهاني ڪري پاڻي بند ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي بحال ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هنن چيو ته عوام کان ووٽ وٺي ويندڙ پ پ ايم اين اي ۽ ايم پي اي به پاڻي کوٽ خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهن، هنن چيو ته هزارين رپيا خرچ ڪري فصل پوکيا، جيڪي سڙندي ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان واهن تي بااثر زميندار جهٽا ۽ لفٽ مشينون هڻي پاڻي کڻي رهيا آهن، هنن گهر ڪئي ته پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.