پکو (ن پ ا) پکو ۾ جھيڙيندڙ تيوڻا ۽ راجپوت برادري ڏي شھري ميڙ منٿ جي صورت ۾ پھتا، ڌرين طرفان ٺاھ جو راضپو ڏيکاريو ويو. اطھر شاھ امن ڪاميٽي اڳواڻ اختر بلوچ، محمد ٻوڪ، سڪندر مغيري قافلي جي صورت ۾ تيوڻا برادري جي چڱي مڙس خدابخش تيوڻو جي رھائشگاھ تي پھچي صلح ڪرڻ تي آماده ڪيو، جڏھن ته ساڳيو وفد ٻئي ڌر راجپوت برادري جي معزز عبدالمنان ۽ محمد اسلم راجپوت جي اوطاق تي وڃي وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ ٺاھ جي اپيل ڪئي، جنھن تي راجپوت ڌر پڻ ٺاھ ڪرڻ تي راضپو ّظاھر ڪيو، اھڙي طرح ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن ڌرين جي راضپي تي فيصلي جو ڏينھن مقرر ڪيو. ان موقعي تي امن ڪاميٽي اڳواڻ اختر بلوچ جو چوڻ ھو ته ڌرين ۾ ڪنھن معمولي ڳالهه تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي، ڌرين جو ڪاروبار پڻ بند پيل ھو، شھر جا معزز ساڻ ڪري ڌرين کي فيصلي ڪرائڻ تي آمادهه ڪيو آھي ۽ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائي شھر ۾ امن کي برقرار رکنداسين.