پٿورو (ن پ ا) پٿورو ڀرسان عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي بچاءُ بند اسٽاپ وٽ تيز رفتار لينڊ ڪروزر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار پوليس جو اي ايس آءِ والهو ولد راجو ڀيل ٿڏي تي فوت  ٿي ويو، اطلاع تي پٿورو پوليس پهچي فوتي جو لاش تعلقه اسپتال پٿورو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس لينڊ ڪروزر ۽ موٽرسائيڪل تحويل ۾ وٺي وڌڪ جاچ ڪري رهي آهي،