پٿورو( ن پ ا) تعلقي اسپتال پٿورو ۾ ڊاڪٽرن، دوائن ۽ علاج جي سھولتن جي کوٽ خلاف سماجي اڳواڻ يعقوب نوهڙي پاران پنهنجي وڪيل مير محمد نھڙي معرفت هاءِ ڪورٽ جي درخواست تي پٿورو ايم ايس کي طلب ڪيو، اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر امين ڀٽي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، درخواست ۾ سماجي اڳواڻ يعقوب نهڙي پاران هاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته تعلقه ھيڊ ڪوارٽر اسپتال پٿورو کي تعلقا اسپتال جو درجو ڏنو وڃي ۽ اسپتال جي بلڊنگ لاءِ جاري ٿيل فنڊ، اسپتال لاءِ نئين بلڊنگ جو ترقياتي ڪم شروع ڪرايو وڃي. اسپتال کي نيون  ايمبولينسون پڻ ڏنيون وڃن ۽ بند پيل ايمرجنسي شعبو فعال ڪيو وڃي. ياد رهي ته تعلقه  اسپتال پٿورو زبون حال ۽ ڊاڪٽرن جي پوسٽون خالي هجڻ خلاف 2017 ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ جي بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي اسپتال جي ايم ايس امين ڀٽي ٻڌايو ته هن وقت اسان وٽ 3 ڊاڪٽر موجود آهن، ڊاڪٽرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي. واضح رهي  ته  18جولاءِ 2019 تي 20 ڊاڪٽرن جا آرڊر ٿيا ھئا، ڪجهه  ڏينھن کان بعد سڀ ڊاڪٽر ھليا ويا، ان تي عدالت سڳوري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڊي جي ھيلٿ سميت سيڪريٽري کي 28 فيبروري تي طلب ڪري ورتو ۽ اسپتال ۾ ترقياتي ڪم ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت ايمبولينس جي کوٽ مڪمل رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.