پِني وڏيرن جي مدد ڪندس: اڪري چودڳي واسي معذور نينگر جو اعلان

0
400

اڪري چودڳي: سوشل ميڊيا تي معذور نينگر جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته پِني بک تي ويٺل وڏيرن جي مدد ڪندس

وڊيو ۾ انور نالي معذور نينگر چئي رهيو آهي ته وڏيرن ٻوڏ ۽ برسات دوران سار نه لڌي، لڳي ٿو اهي اسان کان به وڌيڪ متاثر آهن

ٻنهي ڄنگهن کان معذور نوجوان اعلان ڪري رهيو  آهي ته هو پڪاچانگ، ڪرونڊي، اڪري ۽خيرپور تائين وڃي خيرات وٺي بک تي ويٺل وڏيرن جي مدد ڪندو

نينگر چئي رهيو آهي ته ٻاهران مليل امداد مان به وڏيرن جو گذارو نه ٿيو، خيرات وٺي اٽو، گيهه ۽ کنڊ وٺي کانئن پهچائيندس