اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري سان رابطو ڪري موجوده پارٽي قيادت تي تنقيد نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. جڏهن ته پارٽي اڳواڻ اڄ اختلافن بابت عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ڪندا. ذريعن موجب پي ٽي اڳواڻن اسد قيصر، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ٻين فواد چوڌري سان رابطو ڪري کيس تنقيد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. اسد قيصر به ان رابطي جي تصديق ڪئي آهي. گنڊاپور کيس غلط فهميون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. کيس هاڪاري تجويزن تي غور ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي. فواد چوڌري به صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گنڊاپور رابطو ڪري پارٽي قيادت تي هلڪو هٿ رکڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ عمران خان 13 مهينن تائين جيل کان ٻاهر نه ٿو اچي سگهي. هن چيو ته پارليامينٽ وڃڻ بدران مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي کي متحد ٿيڻو پوندو. اتحاد ڪري ڪي پي ۾ اسپيڪر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو عهدو جي يو آءِ کي ڏيڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ ۾ جي ڊي کي نمائندگي ملڻ گهرجي. ٻئي طرف پارٽي اختلافن کي ختم ڪرائڻ لاءِ عمران خان اڄ پارٽي جي ٻنهي ڌڙن کي جيل ۾ ملڻ لاءِ گهرايو آهي جتي ڳالهيون ٻڌي اڳواڻن کي کير کنڊ ڪيو ويندو.