پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن جي تبديليءَ تي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
88
پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن جي تبديليءَ تي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن جي تبديليءَ تي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن جي تبديليءَ تي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي وزيراعظم اميدوار عمر ايوب دعويٰ ڪئي ته اليڪشن ۾ 180 سيٽس اسان کٽي ورتيون، جيڪي اسان کي ملڻ گهرجن، پي ٽي آءِ  وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتون ٺاهيندي

هن چيو ته وزيراعظم جي چونڊ ۾ ڪاميابي اسان جي ٿيندي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اسان جون 18 سيٽس چوري ڪيون، پشاور ۾ به اسان کي 7 کان 8 سيٽس تي هارايو ويو

هن چيو ته  جيڪي ڪجهه عوام سان ٿي رهيو آهي، ان ڌانڌليءَ کي مدر آف آل رگنگ ڊڪليئر ڪريون ٿا، ڪمشنر  راولپنڊي به واضح ڪري ڇڏيو ته 80 کان 60 هزار ٺپا لڳايا ويا، کٽيل اميدوارن کي هارايو ويو

 اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪمشنر لياقت چٺا جي الزامن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، اسان چيف جسٽس پاڪستان جي استعيفيٰ جو مطالبو نه ٿا ڪريون پر جن جن جا نالا اڳوڻي ڪمشنر ورتا، اهي پاڻ انڪوائري کان الڳ ٿي وڃن