مٺي: پي ٽي آءِ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي واري معاملي تي سنڌ سطح جي آل پارٽيز  ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ٿر سجاڳ سٿ پاران مٺي ۾ ڪوٺايل ڪارونجهر بچايو ڪانفرنس کي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪرشن شرما خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته اسان ڪارونجهر بچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ پاران آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي رهيا آھيون، جنهن ۾ سمورين سياسي ۽ قومپرست ڌرين جي مرڪزي قيادت کي شريڪ ڪرائڻ لاءِ دعوتون ڏينداسين، هن چيو ته ڪانفرنس جي هنڌ ۽ تاريخ جو بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.