اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پرڏيهي فنڊنگ بابت دستاويزن جي فراهمي لاءِ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي عهديدار اڪبر ايس بابر جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن 6 اپريل تي ان درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اڪبر ايس بابر کي اسڪروٽني ڪاميٽي جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، اسڪروٽني ڪاميٽي جو فيصلو برقرار رکيو ويو، اسڪروٽني ڪاميٽي کي جاچ مئي جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ جِي هدايت ڪئي.