ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف ايم اين اي  عامر لياقت، علي زيدي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي وزير جي فيوريٽ ازم جي راند سبب ڪارڪن دل برداشتا آهن. ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عامر لياقت لکيو ته وزيراعظم پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو آهي، مون کي ڇڏيو هڪ کان هڪ هيرو آهي عمران خان جو پر علي ڀاءُ نظر ئي نه آيو، الله بهتر ڪري. هن چيو ته آخري بال تائين پي ٽي آءِ ڪراچي لاءِ وڙهندس، جڏهن رستو نه بچندو، تڏهن به وزيراعظم جو ساٿ نه ڇڏيندس، احتجاج جمهوري حق آهي، عمران خان منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي، دوست کي ايترو نه آزمايو جو وڃائي ويهو، نظر وارا ڄاڻين ٿا ته ڪراچي ۾ منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي.