پي ٽي آءِ سرڪار جي ترجيح مهانگائي نه پر سنڌ سرڪار کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي:مرتضيٰ وھاب

0
173
سپريم ڪورٽ مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ سرڪار جي ترجيح مهانگائي نه پر سنڌ سرڪار کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ملاقاتون ۽ اجلاس ڪرڻ گهرجن، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جا وفاقي حڪومت تي تنقيدي وار، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اين سي او سي طرفان هيل تائين سنڌ کي 89 لک وئڪسين ڏني وئي آهي، ڪوبه عالمي ادارو صوبائي حڪومت سان معاهدو نٿو ڪري، وفاق وئڪسين خريد ڪري ڏئي ته ادائگي لاءِ تيار آهيون.