اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي ڏسي رهيو آهيان، تحريڪ انصاف کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو چيو ويو آهي، جن اهو رستو اختيار ڪيو آهي اهي ٻيهر سوچن، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عدت ڪيس کي به التوا جو شڪار ڪيو ويو، اهو ڪيس اسان لاءِ شرم جوڳو آهي، حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، عمران سان اڄ ملاقات ڪري آگاهه ڪندس.