پي ٽي آءِ باني چوندو هو ته سڀني کي جيل ۾ وجهندس، اڄ پاڻ جيل ۾ آهي: بلاول

0
53

پشاور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پراڻا سياستدان ملڪ کي  ٻيهر 90 واري سياست ڏانهن ڌڪڻ چاهين ٿا، نوازليگ ۽ پي ٽي آءِ ملڪ تي ورهاڱي واري سياست مڙهي

بلاول چيو ته، مان ملڪ کي 2024 جي سياست ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهيان، سياسي مخالفن جي عورت ڪارڪنن، ڌيئرن ۽ ڀينرن کي جيلن ۾ وجهڻ سياست نه آهي

پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي باني کي سمجهايو ته گرفتار ڪرڻو آهي ته مردن کي گرفتار ڪيو، پر پي ٽي آءِ باني به عورتن کي گرفتار ڪيو

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني چوندو هو ته سڀني کي جيل ۾ وجهندس، اڄ پاڻ جيل ۾ ويٺو آهي، ملڪ ۾ اهڙو انقلاب آڻيندس جو غريب ماڻهن جي آمدني وڌي ويندي