ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ايم اين اي اسلم خان ۽ سندس گارڊن جو دڪاندارن سان جھيڙو، تشدد جي وڊيو وائرل، دڪاندارن تي ڪيس به داخل، ان ڏس ۾ پريڊي ٿاڻي جي حد ۾ صدر جي موبائل مارڪيٽ ۾ باجوه موبائل شاپ تي جھيڙو ٿيو، جنهن دوران اسلم خان، سندس پٽ عمار خان ۽ گارڊن دڪاندارن تي تشدد ڪيو، ان موقعي تي دڪاندارن تي ھٿيار تاڻيا ويا، اهڙا فوٽيج وائرل پڻ ٿيا. جھيڙي بعد پريڊي ٿاڻي تي اسلم خان جي پٽ عمار خان جي فرياد تي دڪاندارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن ۾ تشدد، حملي، ڌمڪين ۽ گارگند جا قلم شامل ڪيا ويا. اسلم خان موجب منھنجي پٽ موبائل ورتو، جيڪو پي ٽي اي ۾ رجسٽرڊ ٿيل نه ھو، موبائل واپس کڻي آياسين ته دڪاندار واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي گارگند ڪئي، جنھن تان جھيڙو ٿيو. ھوڏانھن دڪاندارن احتجاج ڪندي چيو ته اسان تي تشدد ڪرڻ بعد ڪيس به داخل ڪيو ويو،