شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور جي صوبائي سيٽ پي ايس 44 تي جي يو آءِ جي نامزد عورت اميدوار شائستا شعيب عباسي جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ جي يو آءِ جو وفد فقير هائوس پهچي جي ڊي اي اميدوار محمد بخش خاصخيلي سان ملاقات ڪئي، جي يو آءِ اڳواڻ شعيب عباسي درخواست ڪئي ته سنڌ کي لٽيندڙن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ جمعيت علماءِ اسلام ميدان ۾ آهي، ان لاءِ جي يو آءِ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي مخالفن جو مقابلو ڪجي. جنهن تي جي ڊي اي اميدوار محمد بخش خاصخيلي چيو ته جي يو آءِ جي درخواست پير پاڳاري ۽ صدر الدين شاهه تائين پهچائي ويندي، جي يو آءِ وفد ۾ مولانا عبدالغفور، قاري نظر محمد، حاجي ھاشم، مولانا عبدالھادي کوسو، ابوبڪر عباسي ۽ ٻيا شامل هئا.