پي ايس 18 اوٻاوڙو: آزاد اميدوار ڄام مهتاب ڏهر هٿان پ پ جي شهريار شر کي شڪست

0
176

گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 18 جي رهيل ٻن پولنگ اسٽيشنز تي ٿيل ووٽنگ جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا جاري ڪيا ويا آهن

علي مراد ڪلهوڙو ۽ چاڪر خان ڪولاچي پولنگ اسٽيشنز تي آزاد اُميدوار ڄام مهتاب ڏهر 11 سئو 47 ووٽ کڻي ويو

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اُميدوار شهريار شر 805 ووٽ حاصل ڪري سگهيو

پي ايس 18 تي ڄام مهتاب ڏهر مجموعي طور 24 هزار 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهريار شر 55 هزار 510 ووٽ کڻي سگهيو